عبدالحميد پلي فقير

عبدالحميد پلي، فقير: حافظ عبدالحميد پلي، ڪلهوڙن جي دؤر ۾ وڏو عالم، محدث ۽ درويش ٿي گذريو آهي. هن 1700ع ڌاري جنم ورتو. پاڻ ڳوٺ کيجراڙي تعلقي عمرڪوٽ جو رهاڪو هو. مختلف مدرسن مان مختلف عالمن کان قرآن مجيد ۽ حديث جي تعليم حاصل ڪيائين. سڀني علمن ۾ ڪمال حاصل ڪرڻ بعد ڪيتري ئي عرصي تائين مختلف ڳوٺن ۾ ديني تعليم ڏيندو رهيو. 1751ع ڌاري پنهنجي ڳوٺ کيجراڙي ۾ مدرسو قائم ڪري تعليم ڏيڻ شروع ڪيائين، جتي پري وارن علائقن کان ڪيترائي شاگرد وٽس اچي تعليم پرائڻ لڳا. سندس شاگردن مان ڪيترائي وڏا عالم ۽ محدث بڻيا. مشهور بزرگ عبن فقير دهلڙيءَ وارو به سندس شاگرد ۽ معتقد هو، جنهن ميان نور محمد ڪلهوڙي کي بد دعا پڻ ڏني هئي. حافظ عبدالحميد جي اولاد مان سندس پٽ حافظ عبدالرحيم به وڏو عالم هو. حافظ عبدالحميد پليءَ، 1770ع ڌاري وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو